لوقا 20

20
يسوع مسيح جي اختياريءَ بابت سوال
(متي 21‏:23‏-27، مرقس 11‏:27‏-33)
1هڪڙي ڏينهن جڏهن يسوع ماڻهن کي هيڪل ۾ ايشور جي راڄ بابت سکيا ڏيئي رهيو هو ۽ انهيءَ راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار پئي ڪيائين تہ سردار ڪاهن ۽ نيم شاستري يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن سان گڏجي وٽس آيا. 2هنن کانئس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ٿو ڪرين؟ اهو ڪير آهي جنهن تو کي اها اختياري ڏني آهي؟“ 3يسوع چين تہ ”آءٌ بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان. 4مون کي ٻڌايو تہ ڇا يوحنا جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ايشور جي طرفان هئي يا انسان جي طرفان؟“ 5تڏهن اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن ’ايشور جي طرفان‘ ٿا چئون تہ هو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوهان هن تي يقين ڇو نہ ڪيو؟‘ 6پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان،‘ تہ سڄي خلق اسان کي سنگسار ڪندي، ڇاڪاڻ تہ هنن کي پڪ آهي تہ يوحنا ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هو.“ 7تڏهن هنن جواب ڏنو تہ ”اسان کي سڌ نہ آهي تہ اها ڪنهن جي طرفان هئي.“ 8تنهن تي يسوع چين تہ ”پوءِ آءٌ بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ٿو ڪريان.“
بي‌ايمان باغائين جو مثال
(متي 21‏:33‏-46، مرقس 12‏:1‏-12)
9 # يس 5‏:1 پوءِ يسوع ماڻهن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ انگورن جو باغ لڳايو. اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ گھڻي وقت لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. 10جڏهن ميوي لهڻ جي مند آئي تہ هڪڙي نوڪر کي انهن باغائين ڏانهن موڪليائين تہ کانئن انگورن جي ميوي جو ڀاڱو وٺي اچي. پر باغائين هن کي مار ڏيئي خالي هٿين موٽائي ڇڏيو. 11تنهن تي هن ٻيو نوڪر موڪليو. تنهن کي بہ هنن مار ڏيئي، جٺيون ڪري خالي هٿين موڪلي ڇڏيو. 12تڏهن هن وري ٽيون نوڪر موڪليو. تنهن کي بہ هنن زخمي ڪري ڌِڪا ڏيئي ڪڍيو. 13تنهن تي باغ جي مالڪ چيو تہ ’هاڻي آءٌ ڇا ڪريان؟ پوءِ ڀلا، پنهنجو سڪيلڌو پٽ ٿو موڪليان، شايد اهي هن جو ڪو لحاظ ڪن.‘ 14پر جڏهن باغائين انهيءَ کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي. ڇو نہ هن کي ماري ڇڏيون، تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘ 15پوءِ هن کي باغ مان ٻاهر ڪڍي ماري ڇڏيائون.
هاڻي باغ جو مالڪ انهن کي ڇا ڪندو؟ 16هو پاڻ اچي انهن باغائين کي تباهہ ڪندو ۽ باغ ٻين جي حوالي ڪندو.“
جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ايشور خير ڪري.“ 17#زب 118‏:22 يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”هي جيڪو پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي، سو ڀلا ڇا معنيٰ ٿو رکي تہ
’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو،
سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘
18 # 1.پط 2‏:8 هاڻ جيڪو بہ اُن پٿر تي ڪرندو سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنهن تي اهو پٿر ڪرندو، تنهن کي پيهي ڇڏيندو.“
ٽيڪس ڏيڻ بابت سوال
(متي 22‏:15‏-22، مرقس 12‏:13‏-17)
19انهيءَ گھڙي ئي نيم شاسترين ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ يسوع کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ ”هن اهو مثال اسان تي آندو آهي.“ پر هو ماڻهن کان ڊنا ٿي. 20پوءِ هو يسوع کي اک ۾ رکندا آيا ۽ ڪي ڪرائيدار ڇاڙتا ڇڏيائون تہ اهي سچارن وانگر بڻجي يسوع کي سندس لفظن ۾ ڦاسائين، تہ جيئن پوءِ کيس رومي گورنر جي قبضي ۽ اختيار ۾ ڏين. 21انهن ڇاڙتن يسوع کان پڇيو تہ ”اي گرو! اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اوهين چئو ٿا ۽ سيکاريو ٿا سو حق آهي ۽ اوهين ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿا ڪريو، بلڪ اوهين تہ سچائيءَ سان ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو. 22هاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“ 23يسوع انهن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ 24”مون کي چانديءَ جو سڪو ڏيکاريو تہ انهيءَ تي ڪنهن جي تصوير ۽ نالو اُڪريل آهي؟“ هنن جواب ڏنو تہ ”قيصر جو.“ 25تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“ 26هو ماڻهن جي اڳيان کيس لفظن ۾ ڦاسائي نہ سگھيا. سندس انهيءَ جواب تي هو حيران ٿي ويا ۽ کڻي ماٺ ڪيائون.
مرڻ کان پوءِ جيوت ٿيڻ بابت سوال
(متي 22‏:23‏-33، مرقس 12‏:18‏-27)
27 # سن 23‏:8 پوءِ صدوقي، جن جو وشواس هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيوت نہ ٿيندا، تن مان ڪي يسوع وٽ آيا ۽ کانئس سوال پڇيائون تہ 28#شر 25‏:5 ”اي گرو! موسيٰ اسان لاءِ نيم ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو شادي ڪيل ڀاءُ بي‌اولاد مري وڃي، تہ سندس ڀاءُ هن جي پتني پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘ 29هڪڙا ست ڀائر هئا. پهرئين شادي ڪئي ۽ بي‌اولاد مري ويو 30تہ ٻئي سندس پتنيءَ سان شادي ڪئي، اهو بہ مري ويو. 31ٽئين بہ انهيءَ ناريءَ سان شادي ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح ستن ئي ڀائرن ان سان شادي ڪئي ۽ ست ئي بي‌اولاد مري ويا. 32سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ اها ناري بہ مري ويئي. 33هاڻي جيئن تہ ست ئي ڀائر هن سان پرڻيا هئا، سو قيامت جي ڏينهن، جڏهن ماڻهو جيوت ٿي اٿندا تڏهن اها ناري انهن ستن مان ڪنهن جي پتني ٿيندي؟“
34تنهن تي يسوع چين تہ ”هن انتم زماني جا ماڻهو پرڻبا ۽ پرڻايا ويندا آهن. 35پر جن کي ايشور ايندڙ نئين زماني ۾ رهڻ ۽ مئلن مان جيوت ٿي اٿڻ جي لائق سمجھي ٿو، سي ان وقت نہ پرڻبا، نڪي پرڻايا ويندا. 36اهي وري ڪڏهن بہ مرڻ جا نہ آهن، بلڪ اهي دوتن جهڙا هوندا. هائو، اهي ايشور جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ اهي مئلن مان جيوت ڪيل هوندا. 37#خر 3‏:6 مئلن جي جيوت ٿي اٿڻ بابت موسيٰ ٻرندڙ ٻوڙي واري واقعي ۾ پاڻ اهڙو اشارو ڏنو آهي. تنهنڪري ئي هو پرميشور کي ’ابرهام جو ايشور، اضحاق جو ايشور ۽ يعقوب جو ايشور‘ ڪري سڏي ٿو. 38سو هاڻي پرميشور مئلن جو نہ، بلڪ جيڪي جيوت آهن تن جو ايشور آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جي آڏو سڀيئي جيوت آهن.“
39تڏهن ڪن #20‏:39 نيم شاسترين جو وشواس هو تہ قيامت ٿيندي، جڏهن تہ صدوقين جو وشواس انهيءَ جي ابتڙ هو.نيم شاسترين کيس چيو تہ ”اي گرو! اوهان صحيح ڳالهہ ڪئي آهي.“ 40انهيءَ کان پوءِ ڪنهن کي بہ همت ڪانہ ٿي جو کانئس ڪو وڌيڪ سوال پڇي.
مسيح بابت سوال
(متي 22‏:41‏-46، مرقس 12‏:35‏-37)
41پوءِ يسوع نيم شاسترين کي چيو تہ ”اهو ڪيئن ٿو چيو وڃي تہ ’مسيح راجا دائود جو اولاد آهي‘؟ 42#زب 110‏:1 ڇاڪاڻ تہ دائود خود زبور ۾ چيو آهي تہ
’پرڀو پرميشور منهنجي پرڀوءَ کي چيو تہ
”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،
43جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي
تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘
44سو جڏهن دائود هن کي ’پرڀو‘ ڪري ٿو سڏي، تہ پوءِ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿيو؟“
نيم شاسترين خلاف چتاءُ
(متي 23‏:1‏-36، مرقس 12‏:38‏-40)
45سڀني ماڻهن جي روبرو يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ 46”نيم شاسترين کان هوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اهي چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن. اهي ڀڳتيءَ وارين جاين توڙي دعوتن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا. 47اهي وڌوائن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون پرارٿنائون ڪن ٿا. انهن کي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ پاپي قرار ڏنو ويندو.“

ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖

لوقا 20: HSB

គំនូស​ចំណាំ

ចែក​រំលែក

ចម្លង

None

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល