1
پيدائش 1:21
Sindhi Bible
هاڻي جيئن خداوند چيو هو، تيئن سارہ تي نظر ڪيائين ۽ پنهنجي چوڻ موجب سارہ سان ڪيائين.
ប្រៀបធៀប
រុករក پيدائش 21:1
2
پيدائش 17:21-18
۽ خدا انهيءَ ڇوڪر جو آواز ٻڌو، ۽ خدا جي فرشتي آسمان مان هاجرہ کي سڏي چيو تہ اي هاجرہ، توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڊڄ نہ، جتي ڇوڪر پيو آهي، اتان ئي خدا هن جو آواز ٻڌو آهي. اُٿ، ڇوڪر کي کڻي پنهنجن هٿن ۾ ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ هن کي هڪڙي وڏي قوم بنائيندس.
រុករក پيدائش 21:17-18
3
پيدائش 2:21
۽ سارہ پيٽ سان ٿي ۽ ابرهام جي لاءِ، هن جي ٻڍاپي ۾، جيئن خدا چيو هوس، ٺهرايل وقت تي پٽ ڄائس.
រុករក پيدائش 21:2
4
پيدائش 6:21
۽ سارہ چيو تہ خدا مون کي کلايو آهي؛ جيڪو ٻڌندو سو مون سان گڏ کلندو.
រុករក پيدائش 21:6
5
پيدائش 12:21
تڏهن خدا ابرهام کي چيو تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ٻانهيءَ جي بابت هن ڳالهہ تي ڏک نہ ڪر. جيڪا ڳالهہ سارہ توکي چوي ٿي، تنهن ۾ هن جو چوڻ ٻڌ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو نسل اسحاق مان سڏبو.
រុករក پيدائش 21:12
6
پيدائش 13:21
هن ٻانهيءَ جي پيٽ مان بہ آءٌ هڪڙي قوم پيدا ڪندس: ڇالاءِ جو هو بہ تنهنجي نسل مان آهي.
រុករក پيدائش 21:13
គេហ៍
ព្រះគម្ពីរ
គម្រោងអាន
វីដេអូ