1
متي 7:7
Hindu Sindhi Bible
”گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ،
比較
متي 7:7で検索
2
متي 8:7
ڇاڪاڻ تہ جيڪو گھرندو آهي تنهن کي ملندو آهي، جيڪو ڳوليندو آهي، سو لهندو آهي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آهي تنهن لاءِ اهو کلندو آهي.
متي 7:8で検索
3
متي 24:7
”تنهنڪري جيڪو بہ منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل ڪري ٿو سو اهڙي سياڻي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پنهنجو گھر ٽڪر تي اڏايو هجي.
متي 7:24で検索
4
متي 12:7
سو هاڻ جهڙو سلوڪ اوهين چاهيو ٿا تہ ماڻهو اوهان سان ڪن، تهڙو سلوڪ اوهين بہ ٻين سان ڪريو. اهو ئي موسيٰ جي نيم توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي سکيا جو نچوڙ آهي.“
متي 7:12で検索
5
متي 14:7
پر جيڪو دروازو ۽ رستو جيون ڏانهن وڃي ٿو سو ڪيڏو نہ سوڙهو ۽ تنگ آهي ۽ ڪي ٿورا ئي آهن جن کان اهو لڀي ٿو.“
متي 7:14で検索
6
متي 13:7
”اوهين سوڙهي دروازي مان اندر داخل ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو دروازو ۽ رستو برباديءَ ڏانهن وڃي ٿو سو ويڪرو ۽ ڪشادو آهي ۽ ان مان اندر گھڙڻ وارا گھڻا ئي آهن.
متي 7:13で検索
7
متي 11:7
جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا ڪيتريون نہ وڌيڪ چڱيون شيون اوهان کي ڏيندو جيڪي اوهين کانئس گھرندا!
متي 7:11で検索
8
متي 1:7-2
”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ ايشور بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙي، ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح ايشور بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.
متي 7:1-2で検索
9
متي 26:7
پر جيڪو بہ ماڻهو منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، سو اهڙي مورک مثل آهي جنهن پنهنجو گھر واريءَ تي اڏايو هجي.
متي 7:26で検索
10
متي 3:7-4
اوهين ڪنهن وشواسي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڇو ٿا ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو خيال ڇو نہ ٿا ڪريو؟ اوهين ڪيئن ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ اوهان جي اک ۾ شهتير پيل آهي.
متي 7:3-4で検索
11
متي 15:7-16
”سنديش ڏيندڙ انهن سنت سڏائڻ وارن کان هوشيار ٿجو، جيڪي ايشور جا حقيقي سنت نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اهي وحشي بگھڙ آهن. اوهين انهن کي سندن عملن مان سڃاڻي وٺندا، ڇاڪاڻ تہ ٻٻرن مان ٻير نہ ملندا آهن ۽ نڪي اڪن مان انب.
متي 7:15-16で検索
12
متي 17:7
اهڙيءَ طرح سٺو وڻ ميوو بہ سٺو ڏئي ٿو ۽ خراب وڻ ميوو بہ خراب ڏئي ٿو.
متي 7:17で検索
13
متي 18:7
سٺو وڻ خراب ميوو ڏيئي نہ ٿو سگھي، نڪي خراب وڻ سٺو ميوو ڏيئي سگھي ٿو.
متي 7:18で検索
14
متي 19:7
جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ٿو ڏئي سو وڍي باهہ ۾ وجھبو آهي.
متي 7:19で検索
ホーム
聖書
読書プラン
ビデオ