پيدائش 29

29
يعقوب جو لابن جي گھر پهچڻ
1پوءِ يعقوب مسافري ڪندو ڪندو اوڀر پاسي رهڻ وارن جي ملڪ ۾ اچي پهتو. 2اتي هن ڏٺو تہ ميدان ۾ هڪڙو کوهہ آهي جنهن جي ڀر ۾ ٽي ڌڻ رڍن جا ويٺا آهن، ڇاڪاڻ تہ ريڍار انهيءَ ئي کوهہ مان ڌڻن کي پاڻي پيئاريندا هئا. انهيءَ کوهہ جي منهن تي هڪ وڏو پٿر رکيل هو. 3جڏهن سڀيئي ڌڻ اچي اتي گڏ ٿيندا هئا تڏهن ريڍار انهيءَ پٿر کي کوهہ جي منهن تان سوري رڍن کي پاڻي پيئاريندا هئا. پوءِ وري اهو پٿر انهيءَ ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيندا هئا. 4تڏهن يعقوب ريڍارن کان پڇيو تہ ”ڀائرؤ! اوهين ڪٿان جا آهيو؟“ هنن وراڻيو تہ ”اسين حاران جا آهيون.“ 5هن پڇين تہ ”ڇا اوهين نحور جي پوٽي لابن کي سڃاڻو؟“ هنن وراڻيو تہ ”هائو، اسين سڃاڻونس.“ 6وري پڇيائين تہ ”هو چڱو ڀلو تہ آهي؟“ هنن وراڻيو تہ ”هائو، چڱو ڀلو آهي. اِجھا، سندس ڌيءَ راخل انهيءَ جو ڌڻ ڪاهيو پيئي اچي.“ 7يعقوب کين چيو تہ ”اڃا ڏينهن گھڻو پيو آهي ۽ مال جي گڏ ڪرڻ جو وقت بہ ڪونہ ٿيو آهي، اوهين رڍن کي پاڻي پيئاري وڃي چاريو ڇو نہ ٿا؟“ 8انهن ورندي ڏني تہ ”اسين ائين نہ ٿا ڪري سگھون. جڏهن سڀيئي ڌڻ اچي گڏ ٿيندا آهن تڏهن کوهہ جي منهن تان پٿر سوريو ويندو آهي ۽ پوءِ اسين رڍن کي پاڻي پيئاريندا آهيون.“
9هو اڃا ساڻن ڳالهيون ڪري ئي رهيو هو تہ راخل ڌڻ سوڌي اچي پهتي، جنهن کي هوءَ چاريندي هئي. 10جڏهن يعقوب پنهنجيءَ ماروٽ راخل ۽ پنهنجي مامي لابن جي ڌڻ کي ڏٺو تڏهن کوهہ تي وڃي پٿر پري سوريائين ۽ مامي جي ڌڻ کي پاڻي پيئاريائين. 11پوءِ راخل جي پيشاني چمي خوشيءَ وچان اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. 12يعقوب راخل کي ٻڌايو تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ جو مائٽ يعني سندس ڀيڻ ربقہ جو پٽ آهيان.“ تڏهن هن ڊوڙي وڃي پنهنجي پيءُ کي اهو ٻڌايو.
13جڏهن لابن پنهنجي ڀاڻيجي يعقوب جي خبر ٻڌي تہ ساڻس ملڻ لاءِ ڊوڙندو آيو. کيس ڀاڪر پائي چميائين ۽ پنهنجي گھر وٺي آيس. جڏهن يعقوب لابن کي سڄو احوال ٻڌايو، 14تڏهن لابن چيس تہ ”بيشڪ تون منهنجو هڏ ۽ ماس آهين.“ سو يعقوب اهو مهينو وٽس رهي پيو.
يعقوب جون ٻہ شاديون
15لابن يعقوب کي چيو تہ ”جيئن تہ تون منهنجو مائٽ آهين، پوءِ ڇا تون مفت ۾ منهنجو ڪم ڪندين؟ مون کي ٻڌاءِ تہ تون ڪيترو پگھار وٺندين؟“ 16لابن کي ٻہ ڌيئر هيون، وڏيءَ جو نالو لياہ ۽ ننڍيءَ جو نالو راخل هو. 17لياہ جون اکيون چنجھيون هيون، پر راخل خوبصورت ۽ سهڻي هئي. 18يعقوب جي دل راخل سان هئي، تنهنڪري چيائين تہ ”جيڪڏهن پنهنجي ننڍي ڌيءَ راخل کي مون سان پرڻائيندين تہ آءٌ ست سال تو وٽ ڪم ڪندس.“ 19لابن وراڻيو تہ ”اها ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي جو ڏيان تنهن کان بهتر آهي تہ تو کي ڏيان. سو تون هتي مون وٽ رهي پئُہ.“ 20راخل کي حاصل ڪرڻ لاءِ يعقوب ست سال ڪم ڪيو. ست سال کيس ٿورن ڏينهن جيترا لڳا، ڇو تہ راخل سان سندس دل تمام گھڻي هئي.
21پوءِ يعقوب لابن کي چيو تہ ”منهنجو مدو پورو ٿيو آهي، هاڻ منهنجي زال مون کي شاديءَ ۾ ڏي.“ 22تڏهن لابن شاديءَ جو ڪاڄ ڪيو ۽ اتي جي سڀني ماڻهن کي ڪانڍيائين. 23پر شاديءَ جي رات هن راخل جي بدران لياہ آڻي يعقوب کي ڏني ۽ يعقوب ساڻس ستو. 24لابن پنهنجي ٻانهي زِلفاہ، پنهنجي ڌيءَ لياہ کي نوڪرياڻي ڪري ڏني. 25يعقوب صبح جو اُٿي ڇا ڏسي تہ ساڻس تہ لياہ ستل آهي! تڏهن هو لابن وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”تو هي مون سان ڇا ڪيو؟ مون تہ راخل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو هو، پوءِ تو مون سان ٺڳي ڇو ڪئي؟“ 26لابن جواب ڏنو تہ ”اسان جي ملڪ ۾ اهو رواج نہ آهي تہ وڏي ويهاري ننڍي پرڻائجي. 27هن جو ستاواڙو پورو ڪر، پوءِ آءٌ راخل بہ تو کي ڏيندس. پر انهيءَ لاءِ تو کي ست سال ٻيا مون وٽ ڪم ڪرڻو پوندو.“
28 يعقوب اها ڳالهہ کڻي قبول ڪئي. سو جڏهن ستاواڙو پورو ٿيو تہ لابن پنهنجي ڌيءَ راخل بہ کيس پرڻائي ڏني. 29لابن پنهنجي ٻانهي بلهاہ پنهنجي ڌيءَ راخل کي نوڪرياڻي ڪري ڏني. 30يعقوب راخل سان بہ ستو. هو لياہ کان وڌيڪ راخل کي پيار ڪندو هو. پوءِ هن ست سال ٻيا بہ لابن وٽ ڪم ڪيو.
يعقوب جا ٻار
31جڏهن خداوند ڏٺو تہ لياہ کي پيار نہ ٿو ملي تڏهن هن کيس اولاد جي قابل بڻايو، پر راخل سنڍ رهجي ويئي. 32لياہ پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. هن انهيءَ جو نالو #29‏:32 روبن هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”منهنجو ڏک ڏٺو آهي.“روبن رکيو، ڇوجو هن چيو تہ ”خدا منهنجو ڏک ڏٺو آهي ۽ هاڻ منهنجو مڙس مون سان پيار ڪندو.“ 33هوءَ وري پيٽ سان ٿي ۽ پٽ ڄايس. هن چيو تہ ”خداوند ٻڌو آهي تہ مون سان پيار نہ ٿو ڪيو وڃي، تنهنڪري هن مون کي هي پٽ بہ ڏنو آهي.“ سو انهيءَ جو نالو #29‏:33 شمعون هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ٻڌي ٿو.“شمعون رکيائين. 34هڪ دفعو وري هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ هڪڙو ٻيو پٽ ڄايس. هن چيو تہ ”هاڻي هن ڀيري منهنجي مڙس جي مون سان گھڻي دل لڳندي، ڇو تہ مون کي انهيءَ مان ٽي پٽ ڄاوا آهن.“ تنهنڪري انهيءَ پٽ جو نالو #29‏:34 لاوي هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ٻڌل.“لاوي رکيائين. 35پوءِ هوءَ وري بہ پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. هن چيو تہ ”هن ڀيري آءٌ خداوند جي واکاڻ ڪنديس.“ تنهنڪري انهيءَ جو نالو #29‏:35 يهوداہ هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”واکاڻ.“يهوداہ رکيائين. پوءِ ٻار ڄڻڻ بس ڪيائين.

Jelenleg kiválasztva:

پيدائش 29: MSB

Kiemelés

Megosztás

Másolás

None

Szeretnéd, hogy a kiemeléseid minden eszközödön megjelenjenek? Regisztrálj vagy jelentkezz be