19
1تڏهن پلاطس عيسيٰ کي ڪوڙا هڻايا. 2سپاهين ڪنڊن جو تاج ٺاهي عيسيٰ جي مٿي تي رکيو ۽ کيس واڱڻائي رنگ جو جبو پهرايائون. 3پوءِ وٽس ڦري ڦري اچي چوڻ لڳا تہ ”سلام، اي يهودين جا بادشاهہ!“ ان کان علاوہ هنن کيس منهن تي چماٽون بہ هنيون.
4 پلاطس هڪ دفعو وري ٻاهر آيو ۽ ماڻهن کي چيائين تہ ”ڏسو، آءٌ هن کي ٻاهر اوهان وٽ وٺي ٿو اچان تہ جيئن اوهان کي خبر پوي تہ مون کي منجھس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ 5پوءِ عيسيٰ انهيءَ ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي جبي سان ٻاهر آيو. تڏهن پلاطس کين چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اهو ماڻهو.“ 6جڏهن سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي پهريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اهي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن کي صليب تي چاڙهيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوهين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙهيوس. مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ 7تنهن تي انهن ماڻهن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ شريعت آهي ۽ ان موجب هو موت جي لائق آهي، ڇاڪاڻ تہ هن خدا جو فرزند هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.“
8جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تہ هيڪاري اچي ڊپ ورتس. 9تڏهن هو محلات ۾ موٽي ويو ۽ عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو. 10تنهن تي پلاطس چيس تہ ”ڇا تون مون سان نہ ٿو ڳالهائڻ چاهين؟ ياد رک، مون کي اهو اختيار مليل آهي تہ تو کي آزاد ڪريان يا صليب تي چاڙهيان.“ 11عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“
12تنهن تي پلاطس اها ڪوشش ڪرڻ لڳو تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏئي، پر اهي ماڻهو واڪا ڪندا رهيا تہ ”جيڪڏهن اوهان هن ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو تہ اوهين قيصر جا سڄڻ نہ آهيو. جيڪو بہ پاڻ کي بادشاهہ ٿو سڏائي سو قيصر جي خلاف آهي.“ 13جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تڏهن هو عيسيٰ کي ٻاهر وٺي آيو ۽ جنهن جاءِ کي ”پٿريلو ٿلهو“ چوندا آهن ۽ عبرانيءَ ۾ ”گبٿا“ سڏيندا آهن، تنهن جاءِ تي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.
14اهو عيد فصح جي #19:14 تياريءَ جو ڏينهن هن مان مراد سبت يا ڪنهن عيد جي ڏينهن کان اڳ وارو ڏينهن آهي. ان ڏينهن يهودي کاڌو وغيرہ تيار ڪندا هئا، ڇو تہ ٻئي ڏينهن سبت يعني آرام جو يا وڏو ڏينهن هوندو هو. انهيءَ دور ۾ ٻئي ڏينهن جي شروعات سج لهڻ کان ئي ٿيندي هئي.تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ منجھند جو وقت هو. پلاطس انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اوهان جو بادشاهہ.“ 15پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي صليب تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاهہ نہ آهي.“ 16تنهن تي پلاطس سندن مرضيءَ موجب عيسيٰ کي صليب تي چاڙهڻ لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيو.
عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙهڻ
(متي 27:32-44، مرقس 15:21-32، لوقا 23:26-43)
تڏهن سپاهي عيسيٰ کي وٺي يروشلم کان ٻاهر نڪري آيا. 17هو پاڻ پنهنجو صليب کڻي انهيءَ جاءِ تي آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ ”گُلگُتا“ يعني ”کوپريءَ جي جاءِ“ سڏيندا آهن. 18اتي هنن کيس صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا ۽ ساڻس گڏ ٻين ٻن ماڻهن کي بہ صليب تي چاڙهيائون، هڪڙي کي هڪ پاسي ۽ ٻئي کي ٻئي پاسي ۽ وچ ۾ عيسيٰ کي. 19پلاطس هڪ تختي صليب تي هڻائي ڇڏي، جنهن تي لکيل هو تہ ”عيسيٰ ناصري، يهودين جو بادشاهہ.“ 20گھڻن ئي ماڻهن اها تختي پڙهي، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي عيسيٰ کي صليب تي چاڙهيو هئائون، سا شهر جي ويجھو هئي ۽ لکت عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ هئي. 21اهو پڙهي يهودين جي سردار ڪاهنن پلاطس وٽ اعتراض ڪيو تہ ”ائين نہ لکايو ها تہ ’يهودين جو بادشاهہ،‘ پر هيئن لکايو تہ ’هن جو چوڻ هو تہ آءٌ يهودين جو بادشاهہ آهيان.‘“ 22تنهن تي پلاطس وراڻين تہ ”بس، جيڪو مون لکايو سو لکايو.“
23پوءِ سپاهي جڏهن عيسيٰ کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي چڪا تہ سندس ڪپڙن کي کڻي چار حصا ڪيائون، هر ڪنهن لاءِ هڪ هڪ حصو. پوءِ جبو بہ کنيائون، جيڪو اڻسبيل هو ۽ مٿي کان هيٺ تائين سڄو ئي هڪڙي ڪپڙي جو ٺهيل هو. 24#زب 22:18 انهيءَ لاءِ سپاهين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ”جبي کي ڦاڙيون نہ ٿا پر پُکو ٿا وجھون تہ اهو ڪنهن جو ٿو ٿئي.“ سپاهين ائين ئي ڪيو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ ڪلام جي لکت پوري ٿئي، جنهن ۾ لکيل آهي تہ
”انهن منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا
۽ منهنجي پوشاڪ لاءِ پُکا وڌائون.“
25 عيسيٰ جي صليب جي ڀرسان سندس ماءُ، ماسي، ڪلوپاس جي زال مريم ۽ مريم مگدليني بيٺيون هيون. 26جڏهن عيسيٰ پنهنجي ماءُ ۽ انهيءَ شاگرد کي جنهن سان سندس پيار هو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ هن پنهنجي ماءُ کي چيو تہ ”اما! هي تنهنجو پٽ آهي.“ 27وري انهيءَ شاگرد کي چيائين تہ ”هيءَ تنهنجي ماءُ آهي.“ انهيءَ ئي ڏينهن اهو شاگرد عيسيٰ جي ماءُ کي پنهنجي گھر رهائڻ لاءِ وٺي ويو.
عيسيٰ مسيح جي وفات
(متي 27:45-56، مرقس 15:33-41، لوقا 23:44-49)
28 #
زب 69:21، 22:15 پوءِ جڏهن عيسيٰ ڄاتو تہ هاڻي هر ڳالهہ پوري ٿي چڪي آهي، تڏهن پاڪ ڪلام جي لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ هن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آهي.“ 29اتي هڪڙو ٿانءُ سادي مئي سان ڀريل رکيو هو. تنهن مان انهن سپاهين فوم جهڙي هڪ شيءِ ٻوڙي زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي سندس وات سان لڳايائون. 30عيسيٰ اها مئي چوسي چيو تہ ”هاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ دم ڏنائين.
عيسيٰ مسيح جي پاسي ۾ نيزو هڻڻ
31اهو #19:31 تياريءَ جو ڏينهن ڏسو 19:14.تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ ايندڙ ڏينهن يهودين لاءِ خاص سبت جو ڏينهن هو. تنهنڪري يهودي اڳواڻن نہ ٿي چاهيو تہ لاش صليبن تي ٽنگيل رهن. سو انهن پلاطس کي عرض ڪيو تہ ”صليب وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن تہ جيئن جلدي مري وڃن ۽ پوءِ لاش صليبن تان لاٿا وڃن.“ 32تنهن تي سپاهي آيا ۽ جيڪي عيسيٰ سان گڏ صليبن تي ٽنگيل هئا تن مان پهريائين هڪڙي جون ٽنگون ڀڳائون ۽ پوءِ ٻئي جون. 33پر جڏهن عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ هن اڳ ۾ ئي دم ڏنو آهي، تڏهن سندس ٽنگون نہ ڀڳائون. 34جڏهن تہ سپاهين مان هڪڙي عيسيٰ جي پاسي ۾ نيزو هنيو تہ هڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو. 35#19:35 جنهن ماڻهوءَ گھڻو ڪري ليکڪ پاڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ڏسو يوحنا 21:24.جنهن ماڻهوءَ اهو ڏٺو تنهن انهيءَ جي شاهدي ڏني آهي تہ جيئن اوهين بہ ايمان آڻيو. سندس شاهدي سچي آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو تہ جيڪو هو چوي ٿو سو سچ آهي. 36#خر 12:46، ڳا 9:12، زب 34:20 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ ڪلام جي لکت پوري ٿئي جنهن ۾ لکيل آهي تہ
”هن جي هڪڙي بہ هڏي ڀڳي نہ ويندي.“
37 #
زڪ 12:10، مڪا 1:7 وري ٻي پاڪ لکت ۾ آهي تہ
”ماڻهو انهيءَ ڏانهن ڏسندا،
جنهن کي گھاءُ ڏيئي زخمي ڪيو هئائون.“
عيسيٰ مسيح جو ڪفن دفن
(متي 27:57-61، مرقس 15:42-47، لوقا 23:50-56)
38تنهن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يهودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد هو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي اجازت ڏيو.“ پلاطس کيس اجازت ڏني. پوءِ هن وڃي لاش کنيو. 39#يو 3:1-2 نيڪديمس بہ اتي آيو. هي اهو ماڻهو هو جنهن هڪڙو دفعو اڳ ۾ عيسيٰ سان رات جو ملاقات ڪئي هئي. نيڪديمس مُرَ ۽ عُود ملائي کڻي آيو، جنهن جي تور اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هئي. 40پوءِ جيئن يهودين ۾ دفن ڪرڻ جي رسم آهي تيئن انهن بہ عيسيٰ جي لاش کي خوشبوءِ لڳائي ڪفن ۾ ويڙهيو. 41جتي عيسيٰ کي صليب تي چاڙهيو ويو هو، اتي هڪڙو باغ هو. انهيءَ باغ ۾ غار واري هڪڙي نئين قبر کوٽيل هئي جنهن ۾ اڃا تائين ڪنهن کي بہ دفن نہ ڪيو ويو هو. 42جيئن تہ اهو ڏينهن يهودين جي #19:42 تياريءَ جو ڏينهن ڏسو 19:14.تياريءَ جو ڏينهن هو تنهنڪري عيسيٰ جي لاش کي کڻي اتي ئي رکيائون، ڇاڪاڻ تہ اها قبر ويجھي هئي.