8
ٻوڏ جو خاتمو
1خدا نوح ۽ انهن جانورن کي جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا وساري ڪونہ ڇڏيو. سو خدا هوا گھلائي ۽ پاڻي لهڻ لڳو. 2ڌرتيءَ جي هيٺان ڦٽي نڪتل چشما ۽ آسمان جون دريون بند ٿي ويون ۽ مينهن بند ٿي ويو. 3پاڻي ڌرتيءَ تان آهستي آهستي لهڻ لڳو ۽ ڏيڍ سؤ ڏينهن کان پوءِ گھڻو گھٽجي ويو. 4پوءِ ستين مهيني جي سترهين تاريخ ٻيڙو اراراط جبلن جي قطار مان هڪ جبل تي اچي بيٺو. 5پاڻي لهندو ويو ۽ ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ جبل جون چوٽيون ڏسڻ ۾ آيون.
6چاليهن ڏينهن کان پوءِ نوح ٻيڙي جو هڪڙو روشندان کوليو. 7هن هڪڙو ڪانءُ اڏاريو جيڪو موٽي ڪونہ آيو، پر ڌرتيءَ تي پاڻيءَ جي سڪڻ تائين هيڏانهن هوڏانهن پئي ڦريو. 8پوءِ هن هڪڙي ڪبوتري اڏاري، انهيءَ لاءِ جو خبر پوي تہ ڌرتيءَ تان پاڻي لهي ويو آهي يا نہ. 9پر جيئن تہ اڃا سڄي ڌرتيءَ تي پاڻي بيٺل هو سو ڪبوتريءَ کي هيٺ لهي اچڻ جي جاءِ نہ ملي. تنهنڪري هوءَ ٻيڙي ڏانهن موٽي آئي ۽ نوح هٿ ڊگھيري انهيءَ کي کڻي ٻيڙي ۾ آندو. 10ست ڏينهن ٻيا ترسڻ کان پوءِ نوح وري انهيءَ ڪبوتريءَ کي اڏاريو. 11اها سانجھيءَ جو وٽس موٽي آئي ۽ ان جي چهنب ۾ هڪڙو زيتون جو تازو ڇنل پن هو، جنهن مان نوح سمجھيو تہ ڌرتيءَ تان پاڻي لهي ويو آهي. 12پوءِ ٻيا ست ڏينهن ترسي هن وري بہ ڪبوتري اڏاري جيڪا وٽس موٽي ڪونہ آئي.
13جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ هڪ سال هئي تہ پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ ڌرتيءَ تان پاڻي لهي ويو. نوح ٻيڙي جي ڇت کولي ۽ ڏٺائين تہ ڌرتيءَ جو مٿاڇرو سڪي ويو آهي. 14ٻئي مهيني جي ستاويهين تاريخ سڄي ڌرتي سڪي ويئي.
15پوءِ خدا نوح کي چيو تہ 16”تون پنهنجيءَ زال، پنهنجن پٽن ۽ سندن زالن سميت ٻيڙي مان نڪري اچ. 17سڀيئي ساهوارا جهڙوڪ پکي، جانور ۽ سرندڙ جيت پاڻ سان گڏ ٻاهر وٺي اچ تہ اُهي ڌرتيءَ تي نسل وڌائين ۽ وڌن ويجھن.“ 18تڏهن نوح پنهنجيءَ زال، پنهنجن پٽن ۽ انهن جي زالن کي پاڻ سان گڏ وٺي ٻاهر آيو. 19سڀيئي جانور، سرندڙ جيت ۽ پکي ٻيڙي مان نڪري ٻاهر آيا.
نوح جو قرباني پيش ڪرڻ
20پوءِ نوح خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ هر قسم جي پاڪ جانورن ۽ پکين مان هڪ هڪ کڻي قربانگاهہ تي آڻي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪيائين. 21قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم. 22جيستائين دنيا هوندي تيستائين پوکي توڙي لوب، سردي ۽ گرمي، اونهارو ۽ سيارو، ڏينهن ۽ رات ٿيندا رهندا.“