1
پيدائش 23:25
Sindhi Bible
۽ خداوند چيس تہ تنهنجي پيٽ ۾ ٻہ قومون آهن، ۽ ٻہ امتون تنهنجي پيٽ مان ئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿينديون: ۽ هڪڙي اُمت ٻيءَ کان زور واري ٿيندي؛ ۽ وڏي ننڍيءَ جي خدمت ڪندي.
Konpare
Eksplore پيدائش 25:23
2
پيدائش 30:25
۽ عيسوءَ يعقوب کي عرض ڪري چيو تہ انهيءَ ڳاڙهي ٻوڙ مان مون کي کاراءِ، ڇالاءِ جو آءٌ ماندو ٿو ٿيان: انهيءَ ڪري هن جو نالو ادوم (ڳاڙهو) پئجي ويو.
Eksplore پيدائش 25:30
3
پيدائش 21:25
۽ اسحاق پنهنجيءَ زال جي لاءِ خداوند کان دعا گهري؛ ڇالاءِ جو هوءَ سنڍ هئي: ۽ خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هن جي زال ربقہ حاملہ ٿي،
Eksplore پيدائش 25:21
4
پيدائش 32:25-33
تنهن تي عيسوءَ چيو تہ ڏس، آءٌ مرڻ تي آهيان: ۽ پهريتي هئڻ جي حق مان مون کي ڪهڙو فائدو رسندو؟ تڏهن يعقوب چيو تہ اڄ مون سان قسم کڻ ۽ هن ساڻس قسم کنيو، ۽ پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق يعقوب کي وڪڻي ڇڏيائين.
Eksplore پيدائش 25:32-33
5
پيدائش 26:25
تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ پنهنجي هٿ ۾ عيسو جي کڙي جهلي نڪتو، ۽ انهي جو نالو يعقوب رکيائون: جڏهن اسحاق کي هي ٻار ڄاوا، تڏهن هو سٺ ورهين جو هو.
Eksplore پيدائش 25:26
6
پيدائش 28:25
هاڻي اسحاق عيسوءَ کي پيار ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو هو کيس پنهنجي شڪار جو گوشت کارائيندو هو، پر ربقہ جو پيار يعقوب تي هو.
Eksplore پيدائش 25:28
Akèy
Bib
Plan yo
Videyo