1
پيدائش 1:21
Sindhi Bible
هاڻي جيئن خداوند چيو هو، تيئن سارہ تي نظر ڪيائين ۽ پنهنجي چوڻ موجب سارہ سان ڪيائين.
Konpare
Eksplore پيدائش 21:1
2
پيدائش 17:21-18
۽ خدا انهيءَ ڇوڪر جو آواز ٻڌو، ۽ خدا جي فرشتي آسمان مان هاجرہ کي سڏي چيو تہ اي هاجرہ، توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڊڄ نہ، جتي ڇوڪر پيو آهي، اتان ئي خدا هن جو آواز ٻڌو آهي. اُٿ، ڇوڪر کي کڻي پنهنجن هٿن ۾ ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ هن کي هڪڙي وڏي قوم بنائيندس.
Eksplore پيدائش 21:17-18
3
پيدائش 2:21
۽ سارہ پيٽ سان ٿي ۽ ابرهام جي لاءِ، هن جي ٻڍاپي ۾، جيئن خدا چيو هوس، ٺهرايل وقت تي پٽ ڄائس.
Eksplore پيدائش 21:2
4
پيدائش 6:21
۽ سارہ چيو تہ خدا مون کي کلايو آهي؛ جيڪو ٻڌندو سو مون سان گڏ کلندو.
Eksplore پيدائش 21:6
5
پيدائش 12:21
تڏهن خدا ابرهام کي چيو تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ٻانهيءَ جي بابت هن ڳالهہ تي ڏک نہ ڪر. جيڪا ڳالهہ سارہ توکي چوي ٿي، تنهن ۾ هن جو چوڻ ٻڌ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو نسل اسحاق مان سڏبو.
Eksplore پيدائش 21:12
6
پيدائش 13:21
هن ٻانهيءَ جي پيٽ مان بہ آءٌ هڪڙي قوم پيدا ڪندس: ڇالاءِ جو هو بہ تنهنجي نسل مان آهي.
Eksplore پيدائش 21:13
Akèy
Bib
Plan yo
Videyo