اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ سڀ ڪنهن ڇوڪر جو، جڏهن هو اٺن ڏينهن جو ٿئي، تڏهن ختنو ڪيو وڃي. پوءِ توڙي هو تنهنجي گهر ۾ ڄاول هجي يا ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کان، جو تنهنجي نسل مان نہ آهي پر پئسن تي خريد ڪيل آهي. سڀ ڪو مرد جو تنهنجي گهر ۾ ڄاول هجي، يا پئسن تي خريد ڪيل هجي، تنهن جو ختنو ڪيو وڃي: منهنجو عهد اوهان جي جسم ۾ ابدي عهد ٿيندو.