1
يوحنا 34:13-35
Hindu Sindhi Bible
آءٌ اوهان کي هڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. هائو، جهڙو مون اوهان سان پيار ڪيو آهي، تهڙو ئي اوهين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. جيڪڏهن اوهين هڪٻئي سان پيار ڪندا تہ پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ اوهين منهنجا چيلا آهيو.“
Comparar
Explorar يوحنا 13:34-35
2
يوحنا 14:13-15
هاڻي جڏهن مون گرو ۽ پرڀو هوندي بہ اوهان جا پير ڌوتا آهن، تڏهن اوهان کي بہ گھرجي تہ هڪٻئي جا پير ڌوئيندا ڪريو. مون اوهان کي اهو نمونو ڏنو آهي، تہ جيئن اوهين بہ ائين ئي ڪندا رهو جيئن مون اوهان سان ڪيو آهي.
Explorar يوحنا 13:14-15
3
يوحنا 7:13
يسوع وراڻيس تہ ”تون هاڻي نہ ٿو سمجھين تہ آءٌ ڇا ڪري رهيو آهيان، پر پوءِ تو کي سڌ پوندي.“
Explorar يوحنا 13:7
4
يوحنا 16:13
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ غلام پنهنجي مالڪ کان وڏو نہ هوندو آهي، ساڳيءَ طرح نياپو پهچائيندڙ پنهنجي حاڪم کان وڏو نہ هوندو آهي.
Explorar يوحنا 13:16
5
يوحنا 17:13
هاڻي جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجھي انهن تي عمل ڪندا تہ ڪيڏا نہ سڀاڳا ٿيندا.“
Explorar يوحنا 13:17
6
يوحنا 4:13-5
اهو سڀ ڄاڻيندي يسوع رسوئيءَ تان اٿيو ۽ پنهنجو جبو لاهي ٽوال چيلهہ سان ٻڌائين. پوءِ ڪجھہ پاڻي ٿالهہ ۾ وجھي پنهنجي چيلن جا پير ڌوئڻ لڳو ۽ چيلهہ سان ٻڌل ٽوال سان سندن پير اُگھڻ لڳو.
Explorar يوحنا 13:4-5
Inicio
Biblia
Planes
Vídeos