”جڏهن اوهين روزو رکو تہ رياڪارن وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهن لٿل جو ڏيکاءُ انهيءَ لاءِ ٿا ڪن، تہ جيئن ماڻهو ڏسن تہ هنن روزو رکيو آهي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو اجر ملي چڪو آهي. پر جڏهن اوهين روزو رکو تہ پنهنجي منهن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو، تہ جيئن ماڻهو نہ، بلڪ اوهان جو پيءُ جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي سو اوهان کي روزيدار سمجھي. تڏهن اوهان جو پيءُ جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي اجر ڏيندو.“