1
يوحنا 16:3
Sindhi Bible FB
SB
ڏسو، خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.
Σύγκριση
Διαβάστε يوحنا 3:16
2
يوحنا 17:3
خدا پنهنجو فرزند دنيا ۾ انهيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ هو دنيا کي گنهگار قرار ڏئي، پر انهيءَ لاءِ موڪليائين تہ هن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.
Διαβάστε يوحنا 3:17
3
يوحنا 3:3
تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاهي ڏسي نہ سگھندو.“
Διαβάστε يوحنا 3:3
4
يوحنا 18:3
جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنهن کي گنهگار قرار نہ ڏنو ويندو، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنهن لاءِ گنهگار هئڻ جي فتويٰ اڳي ئي جاري ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو.
Διαβάστε يوحنا 3:18
5
يوحنا 19:3
انهيءَ فتويٰ جو سبب هي آهي تہ روشني دنيا ۾ آئي پر ماڻهن روشنيءَ کان وڌيڪ اونداهيءَ کي پسند ڪيو، ڇاڪاڻ تہ سندن ڪم بڇڙا هئا.
Διαβάστε يوحنا 3:19
6
يوحنا 30:3
اهو ضروري آهي تہ هو وڌي ۽ آءٌ گھٽجان.“
Διαβάστε يوحنا 3:30
7
يوحنا 20:3
جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو سو روشنيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ روشنيءَ ڏانهن نہ ٿو اچي، متان سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿي پون.
Διαβάστε يوحنا 3:20
8
يوحنا 36:3
جيڪو بہ فرزند تي ايمان آڻي ٿو، تنهن کي دائمي زندگي مليل آهي. پر جيڪو فرزند کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي اها زندگي ڪڏهن بہ نہ ملندي، اٽلندو خدا جو غضب مٿس رهي ٿو.
Διαβάστε يوحنا 3:36
9
يوحنا 14:3
جيئن موسيٰ رڻپٽ ۾ پتل جي نانگ کي مٿي چاڙهيو، تيئن ابنِ آدم بہ ضرور مٿي چاڙهيو ويندو،
Διαβάστε يوحنا 3:14
10
يوحنا 35:3
پيءُ فرزند سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس.
Διαβάστε يوحنا 3:35