1
پيدائش 7:4
Muslim Sindhi Bible
جيڪڏهن تون صحيح ڪم ڪرين ها تہ آءٌ تنهنجو نذرانو قبول ڪريان ها. پر جيئن تہ تو صحيح ڪم نہ ڪيو آهي، سو خبردار متان تون هاڻي گناهہ ۾ ڦاسي پوين. گناهہ تو کي جھڪائڻ چاهي ٿو پر تون ضرور مٿس غالب پئُہ.“
Σύγκριση
Διαβάστε پيدائش 4:7
2
پيدائش 26:4
سيت کي بہ هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو انوس رکيائين. انهيءَ وقت کان وٺي ماڻهو خداوند جو پاڪ نالو وٺڻ لڳا.
Διαβάστε پيدائش 4:26
3
پيدائش 9:4
تڏهن خداوند قابيل کان پڇيو تہ ”تنهنجو ڀاءُ هابيل ڪٿي آهي؟“ قابيل وراڻيو تہ ”مون کي خبر ناهي، آءٌ ڪو پنهنجي ڀاءُ جو سنڀاليندڙ آهيان ڇا؟“
Διαβάστε پيدائش 4:9
4
پيدائش 10:4
تنهن تي خداوند چيس تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تنهنجي ڀاءُ جو رت مون کي زمين مان بدلي وٺڻ لاءِ پيو پڪاري.
Διαβάστε پيدائش 4:10
5
پيدائش 15:4
پر خداوند جواب ڏنو تہ ”نہ. جيڪڏهن ڪوبہ تو کي ماريندو تہ انهيءَ کي ستوڻي سزا ملندي.“ سو هر ڪنهن کي خبردار ڪرڻ لاءِ خداوند قابيل تي هڪ نشان ڪري ڇڏيو تہ جيڪو بہ کيس ڏسي سو نہ ماريس.
Διαβάστε پيدائش 4:15
Αρχική
Αγία Γραφή
Σχέδια
Βίντεο