1
يوحنا 5:15
Common Language New Testament
آءٌ ڊاک جي ول آھيان ۽ اوھين منھنجون ٽاريون آھيو. جيڪو مون ۾ رھي ٿو، تنھن ۾ آءٌ رھان ٿو ۽ اھو ئي گھڻو ميوو جھليندو، ڇالاءِجو اوھين مون کان سواءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھو.
Vergleichen
Studiere يوحنا 15:5
2
يوحنا 4:15
اوھين مون سان گڏجي ھڪ ٿي رھو ۽ آءٌ اوھان سان گڏجي ھڪ ٿي رھندس. تيستائين ڪابہ ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي، جيستائين اھا ول ۾ نہ ٿي رھي. اھڙيءَ طرح اوھين بہ ميوو نہ ٿا جھلي سگھو جيستائين مون ۾ نہ رھو.
Studiere يوحنا 15:4
3
يوحنا 7:15
جيڪڏھن اوھين مون ۾ رھو ۽ منھنجون ڳالھيون اوھان ۾ رھن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو، اوھان کي اھو ملندو.
Studiere يوحنا 15:7
4
يوحنا 16:15
اوھان مون کي ڪين چونڊيو آھي، بلڪ مون اوھان کي چونڊيو آھي ۽ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اھڙو ميوو جھليو جيڪو ھميشہ ھلي. پوءِ اوھين پيءُ کان منھنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو.
Studiere يوحنا 15:16
5
يوحنا 13:15
انھيءَ کان وڌيڪ ڪوبہ پيار ڪونھي جو ماڻھو پنھنجي دوستن لاءِ پنھنجي جان ڏئي.
Studiere يوحنا 15:13
6
يوحنا 2:15
مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنھن کي ھو ڪڍي ڇڏي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنھن کي ھو ڇانگي ٿو تہ جيئن اھا وڌيڪ ميوو ڏئي.
Studiere يوحنا 15:2
7
يوحنا 12:15
اھو ئي منھنجو حڪم آھي تہ اوھين ھڪٻئي سان پيار ڪريو، جيئن مون اوھان سان پيار ڪيو آھي.
Studiere يوحنا 15:12
8
يوحنا 8:15
اوھان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوھين منھنجا شاگرد آھيو ۽ انھيءَ ڳالھہ مان منھنجي پيءُ جو جلوو ظاھر ٿئي ٿو.
Studiere يوحنا 15:8
9
يوحنا 1:15
عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ ڊاک جي سچي ول آھيان ۽ منھنجو پيءُ باغائي آھي.
Studiere يوحنا 15:1
10
يوحنا 6:15
جيڪو مون ۾ نہ رھندو سو ٽاريءَ وانگر وڍي اڇلايو ويندو، جيڪو سڪي ويندو. پوءِ اھڙيون ٽاريون ميڙي گڏ ڪري باھہ ۾ وڌيون وينديون ۽ اھي سڙي وينديون.
Studiere يوحنا 15:6
11
يوحنا 11:15
مون اھي ڳالھيون انھيءَ ڪري اوھان کي ٻڌايون آھن تہ جيئن منھنجي خوشي اوھان ۾ ھجي ۽ اوھان جي خوشي پوري ٿئي.
Studiere يوحنا 15:11
12
يوحنا 10:15
جيڪڏھن اوھين منھنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوھين منھنجي پيار ۾ رھندا، جھڙيءَ طرح مون پنھنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آھي ۽ سندس پيار ۾ رھان ٿو.
Studiere يوحنا 15:10
13
يوحنا 17:15
آءٌ اوھان کي اھو حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو.“
Studiere يوحنا 15:17
14
يوحنا 19:15
جيڪڏھن اوھين دنيا جا ھجو ھا تہ جيڪر دنيا اوھان سان پنھنجن جھڙو پيار ڪري ھا. پر جيئن تہ اوھين دنيا جا نہ آھيو مگر مون اوھان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آھي، تنھنڪري دنيا اوھان کان نفرت ڪري ٿي.
Studiere يوحنا 15:19
Hauptbildschirm
Bibel
Lesepläne
Videos