1
متي 46:27
Hindu Sindhi Bible
ٽي بجي ڌاري يسوع وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما شبقتني؟“ يعني ”منهنجا ايشور! اي منهنجا ايشور! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“
Sammenlign
Udforsk متي 27:46
2
متي 51:27-52
انهيءَ دم هيڪل جو پوِتر ترين جاءِ وارو پردو مٿي کان وٺي هيٺ تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي، ڏونگر ڏري پيا ۽ قبرون ڦاٽي پيون. پوءِ ڪيترائي ايشور ڀڳت ماڻهو جيڪي مري ويا هئا، سي جيوت ٿي
Udforsk متي 27:51-52
3
متي 50:27
تڏهن يسوع وري وڏي رڙ ڪئي ۽ دم ڏنائين.
Udforsk متي 27:50
4
متي 54:27
فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ يسوع تي پهرو ڏيئي رهيا هئا، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ هيءُ ماڻهو ايشور جو پٽ هو.“
Udforsk متي 27:54
5
متي 45:27
منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين هلي.
Udforsk متي 27:45
6
متي 22:27-23
تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”پوءِ يسوع کي ڇا ڪريان جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ انهن سڀني واڪا ڪري چيو تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس پڇين تہ ”ڇو، هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟“ پر هنن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪيون تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“
Udforsk متي 27:22-23
Hjem
Bibel
Læseplaner
Videoer