1
لوقا 15:8
Sindhi Bible
پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا سي اُهي آهن، جي ڪلام ٻڌي سچيءَ ۽ سالم دل ۾ اُن کي سانڍيو رکن ٿا، ۽ صبر سان ڦل پيا اُپائين.
Cymharu
Archwiliwch لوقا 8:15
2
لوقا 14:8
۽ جيڪي ڪنڊين ۾ ڪِريا سي اُهي آهن جن ٻُڌو آهي ۽ هلندي هلندي حياتيءَ جي فڪرن، ۽ دولت، ۽ عيش عشرتن ۾ ڦاسيو پون، ۽ سندن ڦل پچي ئي ڪين.
Archwiliwch لوقا 8:14
3
لوقا 13:8
۽ ٽڪر وارا اُهي آهن، جي جڏهن ڪلام ٻُڌن ٿا، تڏهن خوشيءَ سان مڃيو وٺن، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿوري وقت تائين ايمان آڻي، پوءِ آزمائش جي مهل ڦريو وڃن.
Archwiliwch لوقا 8:13
4
لوقا 25:8
۽ اُنهن کي چيائين تہ اوهان جو ايمان ڪيڏانهن ويو؟ ۽ اُهي ڊڄي ويا، ۽ عجب ۾ پئجي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪير آهي، جو واءُ ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري ۽ اُهي مڃينس ٿا؟
Archwiliwch لوقا 8:25
5
لوقا 12:8
جيڪي گس تي ڪِريا، سي اُهي آهن جن ٻُڌو آهي، پوءِ شيطان اچي اُنهي ڪلام کي سندن دل مان ڪڍيو وڃي، تہ متان ايمان آڻين ۽ نجات ملين.
Archwiliwch لوقا 8:12
6
لوقا 17:8
ڇالاءِ جو ڪي بہ لڪل نہ آهي جو پڌرو نہ ٿيندو، ۽ ڪي بہ ڳجهو نہ آهي، جنهن جي خبر نہ پوندي ۽ ظاهر نہ ٿيندو.
Archwiliwch لوقا 8:17
7
لوقا 47:8-48
۽ جڏهن زال ڏٺو تہ آئون لڪي نہ سگهيس، تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي، ۽ اچي کيس پيرين پئي، ۽ سڀني جي روبرو ٻڌايائين تہ ڪهڙي سبب مون توکي هٿ لاتو، ۽ ڪهڙيءَ طرح آئون يڪدم چڱي ڀلي ٿي پيس. ۽ هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ.
Archwiliwch لوقا 8:47-48
8
لوقا 24:8
تڏهن وٽس اچي جاڳائي چيائونس، تہ اي سائين، اي سائين، اسين تہ ٻُڏي وياسين. تنهن تي هو اُٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي لهرن کي جهڻڪيائين: جنهن ڪري اُهي بيهي ويا، ۽ نوائي ٿي ويئي.
Archwiliwch لوقا 8:24
Gartref
Beibl
Cynlluniau
Fideos