1
يوحنا 35:6
Common Language New Testament
عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”زندگيءَ جي ماني آءٌ آھيان. جيڪو مون وٽ اچي ٿو تنھن کي وري ڪڏھن بہ بک نہ لڳندي ۽ جيڪو مون تي ايمان آڻي ٿو، تنھن کي ڪڏھن بہ اڃ نہ لڳندي.
Porovnat
Zkoumat يوحنا 6:35
2
يوحنا 63:6
زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آھي، انساني جسم ڪابہ شيءِ ڪانھي. ھي ڳالھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون آھن سي روح بہ آھن ۽ زندگي بہ.
Zkoumat يوحنا 6:63
3
يوحنا 27:6
فاني کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انھيءَ دائمي کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جيڪو ھميشہ واري زندگيءَ تائين ٿو ھلي. اھو کاڌو ابنآدم اوھان کي ڏيندو، ڇاڪاڻتہ پيءُ يعني خدا ھن کي اختياريءَ جي مُھر ڏني آھي.“
Zkoumat يوحنا 6:27
4
يوحنا 40:6
ڇالاءِجو منھنجي پيءُ جي اھا مرضي آھي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنھن کي دائمي زندگي ملي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينھن تي جيئرو ڪري اٿاريندس.“
Zkoumat يوحنا 6:40
5
يوحنا 29:6
عيسيٰ وراڻيو تہ ”خدا جو ڪم اھو آھي تہ اوھين انھيءَ تي ايمان آڻيو، جنھن کي خدا موڪليو آھي.“
Zkoumat يوحنا 6:29
6
يوحنا 37:6
جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنھن کي آءٌ ڪڏھن بہ نہ موٽائيندس.
Zkoumat يوحنا 6:37
7
يوحنا 68:6
شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! اوھان کي ڇڏي ڪنھن ڏانھن وينداسون؟ اوھان وٽ اھي ڳالھيون آھن جن ۾ دائمي زندگي آھي.
Zkoumat يوحنا 6:68
8
يوحنا 51:6
آءٌ اھا زندہ ماني آھيان جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي. جيڪڏھن ڪو ھن مانيءَ مان کائيندو تہ اھو ھميشہ زندہ رھندو. جيڪا ماني آءٌ ڏيندس سا منھنجو جسم آھي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن ھن دنيا کي زندگي ملي.“
Zkoumat يوحنا 6:51
9
يوحنا 44:6
ڪوبہ ماڻھو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي سو کيس نہ ڇڪي. آءٌ آخرت جي ڏينھن تي کيس جيئرو ڪري اٿاريندس.
Zkoumat يوحنا 6:44
10
يوحنا 33:6
ڇالاءِجو جيڪا ماني خدا ڏئي ٿو سا اھا آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“
Zkoumat يوحنا 6:33
11
يوحنا 48:6
آءٌ زندگيءَ جي ماني آھيان.
Zkoumat يوحنا 6:48
12
يوحنا 11:6-12
عيسيٰ مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻھن ۾ ورھايائين. ھن مڇي بہ ائين ئي ورھائي ۽ سڀني ماڻھن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو ھو. جڏھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”بچيل ٽڪر ڳڀا ميڙي گڏ ڪريو، تہ جيئن ذرو بہ زيان نہ ٿئي.“
Zkoumat يوحنا 6:11-12
13
يوحنا 19:6-20
جڏھن شاگرد پنج ڇھہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاھي ويا، تڏھن ڏٺائون تہ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اھو ڏسي ھو ڏاڍو ڊڄي ويا. پر عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ آھيان، ڊڄو نہ.“
Zkoumat يوحنا 6:19-20
Domů
Bible
Plány
Videa