YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 28:14-30

لوقا 28:14-30 SCLNT

اوھان مان جيڪو منارو ٺھرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اھو پھريائين ان خرچ جو ويھي اندازو نہ ٿو لڳائي ڇا، تہ انھيءَ وٽ ان کي جوڙي راس ڪرائڻ جيترو پيسو آھي يا نہ؟ ڇالاءِ⁠جو ائين نہ ٿئي جو ان جي پيڙھہ تہ رکرائي پر پورو نہ ڪرائي سگھي تڏھن ڏسندڙ ٺٺوليون ڪري چونس تہ ’ھن يار، اڏاوت تہ شروع ڪئي پر پوري نہ ڪري سگھيو.‘