لوقا 47:8-48
لوقا 47:8-48 MSB
جڏهن عورت ڏٺو تہ ”آءٌ لڪي نہ ٿي سگھان،“ تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي. هن سڀني جي روبرو کيس ٻڌايو تہ ڪهڙي سبب هن کيس هٿ لاتو ۽ ڪهڙيءَ طرح هوءَ هڪدم چڱي ڀلي ٿي پيئي. تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي، دلجاءِ سان هلي وڃ.“