پيدائش 24:49-25
پيدائش 24:49-25 MSB
پر ڏس، انهن دشمنن تي هنن جا تيرڪمان غالب ايندا، ڇوجو مون يعقوب جي قادر هٿان کين طاقت عطا ٿيندي. هائو، کين انهيءَ ريڍار کان قوت ملندي، جيڪو بني اسرائيل جو محافظ آهي. اي يوسف! اهو منهنجو خدا ئي آهي، جيڪو تنهنجي اولاد جي مدد پيو ڪندو. هائو، قادرِمطلق خدا مٿان آسمان مان برسات، ۽ هيٺان زمين مان کين چشمن جو پاڻي عطا ڪندو. هو ٻارن توڙي چوپائي مال ۾ کين جھجھيون برڪتون عطا ڪندو.