پيدائش 39:41-40
پيدائش 39:41-40 MSB
پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ ”جڏهن تہ خدا تو کي اهو سڀ ڪجھہ سمجھايو آهي، تہ پوءِ تون ئي وڏو سمجھو ۽ سياڻو آهين. تون منهنجي محلات جو مختيار ٿيءُ. منهنجي سڄي رعيت تنهنجي حڪم موجب هلندي، فقط تخت جي مالڪ هئڻ ڪري منهنجو درجو تو کان مٿي هوندو.“