YouVersion Logo
Search Icon

نحمياہ 7:1-9

نحمياہ 7:1-9 SB62

اسان تنهنجي برخلاف تمام خراب هلت ڪئي آهي، ۽ جيڪي حڪم، ۽ قاعدا، ۽ فيصلا، تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي ڏنا هئا، سي بجاءِ نہ آندا اٿئون. آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ سان ڪيو هو سو ياد رک، ۽ تو چيو هو تہ جي اوهين گناهہ ڪندا تہ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ پکيڙي ڇڏيندس: پر جي اوهين مون ڏانهن موٽندا، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا، ۽ انهن تي هلندا، تہ اوهان مان جيڪي ٽڙي پکڙي آسمان جي تمام پرانهين ڀاڱي تائين ويا هوندا، تن کي آءٌ اتان آڻي انهيءَ هنڌ گڏ ڪندس، جو پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ مون پسند ڪيو آهي.