YouVersion Logo
Search Icon

نحمياہ 5:1-6

نحمياہ 5:1-6 SB62

۽ مون چيو تہ اي خداوند، آسمان جا خدا، عظيم ۽ هيبت وارا خدا، تون جو انهن سان عهد پورو ڪرين ٿو، ۽ انهن تي رحم ڪرين ٿو، جي تو سان محبت ٿا رکن، ۽ تنهنجا حڪم بجاءِ ٿا آڻين، سو تون منهنجو عرض ٻڌ: هاڻي ڌيان سان ڪن ڏي، ۽ تنهنجيون اکيون کليل هجن، تہ پنهنجي ٻانهي جي دعا ٻڌين، جا آءٌ هن وقت، ڏينهن ۽ رات، تنهنجن ٻانهن، بني اسرائيل جي لاءِ ٿو گهران، ۽ ساڳئي وقت ۾ آءٌ بني اسرائيل جا اُهي گناهہ قبول ٿو ڪريان، جي اسان تنهنجي برخلاف ڪيا آهن: هائو، مون ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي گناهہ ڪيو آهي.