YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 21:7-22

لوقا 21:7-22 SB62

اوڏيءَ ئي مهل هن گهڻن کي مرضن، ۽ آفتن، ۽ ڀوتن کان ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، ۽ گهڻن ئي انڌن کي سڄو ڪيو هئائين. يسوع وراڻي ڏيئي چين، تہ جيڪي ڳالهيون اوهان ڏٺيون ۽ ٻُڌيون آهن، سي يوحنا کي وڃي ٻڌايو؛ تہ انڌا ڏسن ٿا، ۽ منڊا هلن ٿا، ۽ ڪوڙهيا پاڪ صاف پيا ٿين، ۽ ٻوڙا ٻُڌن ٿا، ۽ مئل جي اُٿن ٿا، ۽ غريبن کي خوشخبري ٻُڌائي ٿي وڃي،