YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 1:6-4

پيدائش 1:6-4 SB62

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن زمين تي ماڻهو وڌڻ لڳا، ۽ انهن مان ڌيون پيدا ٿيون، تڏهن خدا جي پٽن ماڻهن جي ڌيئرن کي ڏٺو تہ اهي سهڻيون آهن، ۽ انهن مان جنهن کي جيڪا وڻي، سا هن پنهنجي زال ڪئي. تڏهن خداوند چيو تہ منهنجو روح انسان ۾ هميشہ ڪين رهندو، ڇو تہ هو بشر آهي؛ تڏهن بہ هن جي عمر هڪ سؤ ويهہ ورهيہ ٿيندي. تن ڏينهن ۾ زمين تي راڪاس هئا، پوءِ جڏهن خدا جا پٽ ماڻهن جي ڌيئرن وٽ ويا، تڏهن انهن مان اولاد پيدا ٿيو، اهي ئي قديم زماني جا ناليرا پهلوان آهن.