پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڄي پيون ۽ اوھين غير قوم ھڪ جھنگلي زيتون جي ٽارين وانگر ساڻس پيوند ڪيا ويا، ھاڻي اوھين ان ساڳئي پوکيل زيتون جي پاڙ مان سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا. تہ پوءِ اوھين پاڻ کي انھن ٽارين کان وڌيڪ نہ سمجھو جيڪي ڀڄي پيون آھن. اوھين پاڻ کي ڪيئن وڌيڪ سمجھندا؟ اوھين تہ رڳو ٽاريون آھيو. اوھين پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو پر پاڙ اوھان جي پرورش ڪري ٿي.