جيئن يسعياہ نبيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ
”رڻپٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ
’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو.
ھن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.
سڀڪا ماٿري ڀرجي پوندي،
۽ ھر ڪو جبل ۽ ٽڪري سنئين ڪئي ويندي.
ڏنگا رستا سڌا ٿيندا
۽ کڏن کوٻن واريون واٽون سنيون ٿينديون.
ساري انسانذات خدا جو ڇوٽڪارو ڏسندي.‘“