عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”گناھہ ڏانھن ڌتارجڻ جا سبب تہ اڻٽر آھن، پر مصيبت آھي انھيءَ لاءِ، جنھن جي ھٿان اھڙا سبب پيدا ٿين ٿا. ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي جيڪو گناھہ ڏانھن ڌُتاري ٿو، تنھن لاءِ چڱو ائين ٿيندو تہ پنھنجي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيئي ٻڏي مري.