1
عبرانين 3:1
Common Language New Testament
اھو فرزند خدا جي جلال جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنھنجي قدرت واري ڪلام سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. ھو گنھگارن کي پاڪ ڪرڻ کان پوءِ عرش تي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.
Compare
Explore عبرانين 1:3
2
عبرانين 1:1-2
اڳئين زماني ۾ خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان نبين جي معرفت ڳالھايو. پر ھاڻي ھن زماني جي آخر ۾ خدا اسان سان پنھنجي فرزند جي معرفت ڳالھايو، جنھن کي ھن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي ڪائنات خلقيائين.
Explore عبرانين 1:1-2
3
عبرانين 14:1
ڇا اھي سڀ ملائڪ خدمت ڪندڙ روح نہ آھن، جيڪي ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ وارن جي لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟
Explore عبرانين 1:14
4
عبرانين 10:1-11
ھن ھيئن بہ چيو تہ ”اي خداوند! شروع ۾ تو زمين کي بڻايو ۽ پنھنجي ھٿن سان آسمان کي پيدا ڪيو. اھي سڀ ناس ٿي ويندا، پر تون ئي باقي رھندين. اھي سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا.
Explore عبرانين 1:10-11
Home
Bible
Plans
Videos