1
1.ٿسلونيڪين 17:4
Common Language New Testament
انھيءَ کان پوءِ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا ۽ ڇڏيل ھونداسين سي انھن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کنيا وينداسين، تہ جيئن ھوا ۾ خداوند سان ملاقات ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين ھميشہ خداوند سان گڏ رھنداسين.
Compare
Explore 1.ٿسلونيڪين 4:17
2
1.ٿسلونيڪين 16:4
ڇالاءِجو وڏي واڪي سان، وڏي ملائڪ جي آواز سان ۽ خدا جي بگل وڄڻ سان خداوند پاڻ آسمان مان ھيٺ لھندو. پوءِ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ مري ويا آھن سي پھريائين جي اٿندا.
Explore 1.ٿسلونيڪين 4:16
3
1.ٿسلونيڪين 3:4-4
سو خدا جي مرضي اھا آھي تہ اوھين پاڪ رھو ۽ زناڪاريءَ کان پوريءَ طرح پاسو ڪريو. اوھان مان ھر ڪو ماڻھو پنھنجي بدن کي پاڪ ۽ عزت واري نموني ۾ تابع رکڻ سکي،
Explore 1.ٿسلونيڪين 4:3-4
4
1.ٿسلونيڪين 14:4
ڇالاءِجو جيئن اسين ھي مڃون ٿا تہ عيسيٰ مري ويو ۽ وري جي اٿيو، تيئن اسين ھي بہ مڃون ٿا تہ جيڪي عيسيٰ جي ايمان ۾ مري ويا آھن، تن کي بہ خدا عيسيٰ سان گڏ پاڻ وٽ گھرائيندو.
Explore 1.ٿسلونيڪين 4:14
5
1.ٿسلونيڪين 11:4
جھڙيءَ طرح اسان اوھان کي ٻڌايو آھي، تھڙيءَ طرح ڪوشش ڪري صبر سان زندگي گذاريو، پنھنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ پنھنجن ھٿن سان پورھيو ڪريو.
Explore 1.ٿسلونيڪين 4:11
6
1.ٿسلونيڪين 7:4
ڇالاءِجو خدا اسان کي ناپاڪ زندگي گذارڻ لاءِ نہ، بلڪ پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ سڏيو آھي.
Explore 1.ٿسلونيڪين 4:7
Home
Bible
Plans
Videos