تڏهن سردار ڪاهنن يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن سان ملي صلاح ڪري سپاهين کي جھجھا پئسا رشوت ڏنا تہ جيئن اهي چون تہ ”جڏهن رات جو اسين سمهيا پيا هئاسين تڏهن عيسيٰ جا شاگرد آيا ۽ سندس لاش چورائي کڻي ويا.“ هنن سپاهين کي دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ گورنر جي ڪن تي پئجي ويئي تہ بہ اسين پاڻيهي هن کي سمجھائينداسين. سو اوهان کي ڪنهن بہ ڳالهہ جو خوف ڪرڻ نہ گھرجي.“ تڏهن پهريدارن پئسا وٺي اها ڳالهہ ڪئي جيڪا کين سيکاري ويئي هئي. ان ئي ڏينهن کان وٺي اها سيکاريل ڳالهہ يهودين ۾ پکڙجي ويئي آهي ۽ اڃا تائين مشهور آهي.