1
لوقا 24:13
Muslim Sindhi Bible
”سوڙهي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دل وَ جان سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.
Compare
Explore لوقا 13:24
2
لوقا 11:13-12
اتي هڪڙي عورت هئي جنهن ۾ ارڙهن سالن کان هڪڙو ڀوت هو، جنهن ڪري هوءَ ڏاڍي ڪمزور ٿي ڪُٻي ٿي ويئي هئي. هوءَ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي هئي. عيسيٰ جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاڻ وٽ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو هاڻي پنهنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“
Explore لوقا 13:11-12
3
لوقا 13:13
تڏهن عيسيٰ مٿس پنهنجا هٿ رکيا تہ هوءَ هڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳي.
Explore لوقا 13:13
4
لوقا 30:13
ڏسو، تڏهن ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن، سي اڳيان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن، سي پويان ٿيندا.“
Explore لوقا 13:30
5
لوقا 25:13
جڏهن گھر ڌڻيءَ هڪ دفعو اُٿي در بند ڪري ڇڏيو، تہ پوءِ اوهين ٻاهر بيهي ڪيترو بہ در کڙڪايو ۽ چئو تہ ’اي مالڪ! اسان لاءِ در کوليو،‘ تہ هو ورنديءَ ۾ چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو.‘
Explore لوقا 13:25
6
لوقا 5:13
آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ نہ. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجن گناهن کان توبهہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندءُ، جيئن اهي ٿيا هئا.“
Explore لوقا 13:5
7
لوقا 27:13
پر هو وري اوهان کي چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو. اوهين سڀيئي بدڪار منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘
Explore لوقا 13:27
8
لوقا 18:13-19
پوءِ عيسيٰ چوڻ لڳو تہ ”خدا جي بادشاهي ڇا جي مثل آهي. ان کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان. اها سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کڻي پنهنجي باغ ۾ پوکيو تہ اهو وڌي وڻ وانگر ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واهيرا ڪيا.“
Explore لوقا 13:18-19
Home
Bible
Plans
Videos