1
يوحنا 24:5
Muslim Sindhi Bible
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿو ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي انهيءَ تي ايمان رکي ٿو، تنهن جي زندگي دائمي آهي ۽ هو گنهگار قرار نہ ڏنو ويندو، بلڪ هو موت مان نڪري زندگيءَ ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
Compare
Explore يوحنا 5:24
2
يوحنا 6:5
جڏهن عيسيٰ کيس اتي پيل ڏٺو ۽ خبر پيس تہ هو گھڻي وقت کان وٺي اهڙي حال ۾ آهي، تڏهن چيائينس تہ ”ڇا تنهنجي مرضي آهي تہ تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿئين؟“
Explore يوحنا 5:6
3
يوحنا 39:5-40
اوهين پاڪ ڪلام انهيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙهو، جو اوهان جو خيال آهي تہ انهيءَ ۾ اوهان کي دائمي زندگي ملندي، جڏهن تہ اهو پاڪ ڪلام بہ منهنجي شاهدي ڏئي ٿو. تڏهن بہ اوهين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ دائمي زندگي مليوَ.
Explore يوحنا 5:39-40
4
يوحنا 8:5-9
عيسيٰ چيس تہ ”اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.“ تڏهن هڪدم اهو ماڻهو ڇٽي چڱو ڀلو ٿي پيو ۽ پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. اهو سبت جو ڏينهن هو.
Explore يوحنا 5:8-9
5
يوحنا 19:5
تنهنڪري عيسيٰ يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ فرزند پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.
Explore يوحنا 5:19
Home
Bible
Plans
Videos