جڏهن هو نيرن ڪري چڪا تڏهن عيسيٰ شمعون پطرس کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان هنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو خداوند! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”منهنجي گھيٽڙن کي وڃي چار.“ وري ٻيو دفعو عيسيٰ هن کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو خداوند! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”منهنجي رڍن جي سنڀال ڪج.“ وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! اوهان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.