1
پيدائش 5:37
Muslim Sindhi Bible
هڪ دفعي يوسف هڪڙو خواب لڌو جيڪو پنهنجي ڀائرن کي وڃي ٻڌايائين. تڏهن اهي ويتر وڌيڪ کانئس نفرت ڪرڻ لڳا.
Compare
Explore پيدائش 37:5
2
پيدائش 3:37
يعقوب پنهنجي ٻين سڀني پٽن کان وڌيڪ يوسف سان پيار ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ اهو پوڙهپ ۾ ڄائو هئس. هن کيس هڪڙو خاص رنگارنگي ڪڙتو بہ ٺهرائي ڏنو هو.
Explore پيدائش 37:3
3
پيدائش 4:37
جڏهن يوسف جي ڀائرن ڏٺو تہ سندن پيءُ ٻين سڀني ڀائرن کان وڌيڪ هن سان پيار ڪري ٿو، تڏهن اهي يوسف کان نفرت ڪرڻ لڳا ۽ کيس سلام بہ ڪين ڪندا هئا.
Explore پيدائش 37:4
4
پيدائش 9:37
پوءِ يوسف هڪڙو ٻيو خواب لڌو جيڪو پنهنجي ڀائرن کي ٻڌائيندي چيائين تہ ”ٻڌو، مون هڪڙو ٻيو خواب لڌو آهي جنهن ۾ سج، چنڊ ۽ يارهن تارا منهنجي اڳيان اچي جھڪيا.“
Explore پيدائش 37:9
5
پيدائش 11:37
سو سندس ڀائر تہ ساڙ ۾ سڙي ويا پر پڻس اها ڳالهہ پنهنجيءَ دل ۾ رکي ڇڏي.
Explore پيدائش 37:11
6
پيدائش 6:37-7
هن کين چيو تہ ”مون هڪڙو خواب لڌو آهي سو ٻڌو. اسان ٻنيءَ ۾ گڏا پئي ٻڌا تہ ڇا ٿو ڏسان تہ منهنجو گڏو اُٿي اڀو ٿي بيٺو ۽ اوهان جا گڏا ان جي چوڌاري اچي بيٺا ۽ ان جي اڳيان جھڪيا.“
Explore پيدائش 37:6-7
7
پيدائش 20:37
سو هاڻي اچو تہ کيس ماري ڪنهن کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيون. پوءِ چونداسين تہ ڪو جھنگ جو جانور کائي ويو اٿس. پوءِ ڏسنداسين تہ هن جي خوابن جو ڇا ٿو ٿئي.“
Explore پيدائش 37:20
8
پيدائش 28:37
پوءِ جڏهن اهي مدياني سوداگر اتان اچي لانگھائو ٿيا تہ يوسف جي ڀائرن يوسف کي کوهہ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ اسماعيل قبيلي وارن جي هٿ چانديءَ جي ويهن سڪن تي کيس وڪڻي ڇڏيائون. اهي سوداگر يوسف کي مصر ڏانهن وٺي هليا ويا.
Explore پيدائش 37:28
9
پيدائش 19:37
هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اِجھو، اچيوَ ٿو خوابن لهڻ وارؤ!
Explore پيدائش 37:19
10
پيدائش 18:37
هنن کيس پري کان ايندو ڏٺو. هو اڃا پري ئي هو تہ هنن کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو.
Explore پيدائش 37:18
11
پيدائش 22:37
اسين سندس رت نہ وهايون، پر هتي هن رڻپٽ ۾ جيڪو کوهہ آهي تنهن ۾ کڻي اڇلايونس. کيس وڌيڪ هٿ نہ لايون.“ روبن چاهيو ٿي تہ کيس هنن جي هٿان ڇڏائي واپس سندس پيءُ وٽ پهچائي.
Explore پيدائش 37:22
Home
Bible
Plans
Videos