ڏس، تو کي پيٽ ٿيندو ۽ تون پٽ ڄڻيندينءَ. انهيءَ جو نالو يسوع رکج. هو وڏي مهانتا وارو ٿيندو ۽ مهان ايشور جو پٽ ڪري سڏبو. پرڀو پرميشور هن کي سندس ڏاڏي دائود جو تخت بخشيندو. هو يعقوب جي گھراڻي بني اسرائيل تي هميشہ راڄ ڪندو. هائو، سندس راڄ جو ڪڏهن بہ انت نہ ٿيندو.“