يسوع ڪنڌ مٿي ڪري انهيءَ ناريءَ کي چيو تہ ”اي مائي! اهي ڪيڏانهن ويا؟ ڇا هتي ڪوبہ ڪونہ آهي جو تو کي پاپي قرار ڏئي؟“ انهيءَ ناريءَ وراڻيو تہ ”سوامي! نہ، ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي پاپي نہ ٿو قرار ڏيان. سو وڃ، پر وري پاپ نہ ڪجانءِ.“