انهيءَ طرح اِلول مهيني جي پنجويهين تاريخ، ٻاونجاهہ ڏينهن ۾ ڀت جُڙي تيار ٿي. ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسانجن سڀني دشمنن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن جيڪي غير قوم وارا اسان جي آس پاس هئا، سي ڊنا ۽ خود پنهنجي نظر ۾ تمام ذليل ٿيا: ڇالاءِ جو هنن سهي ڪيو تہ اهو ڪم اسان جي خدا جو ڪيل آهي.