1
يوحنا 35:6
Sindhi Bible
يسوع چين تہ زندگيءَ جي ماني آئون آهيان، جيڪو مون وٽ ٿو اچي، تنهن کي ڪڏهن بک ڪين لڳندي، ۽ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي ڪڏهن اُڃ ڪين لڳندي.
Compare
Explore يوحنا 6:35
2
يوحنا 63:6
جيارڻ وارو تہ روح آهي، جسم مان ڪو فائدو ڪونهي: هي ڳالهيون جيڪي مون اوهان کي چيون آهن، سي روح ۽ زندگي آهن.
Explore يوحنا 6:63
3
يوحنا 27:6
جيڪو کاڄ فاني آهي، تنهن لاءِ محنت نہ ڪريو، پر اُنهي کاڄ لاءِ، جو هميشہ جي زندگيءَ تائين هلي ٿو، جو ابن آدم اوهان کي ڏيندو: ڇالاءِ تہ پيءُ يعني خدا، هن تي ئي مهر هنئي آهي.
Explore يوحنا 6:27
4
يوحنا 40:6
ڇالاءِ تہ منهنجي پيءُ جي هيءَ مرضي آهي، تہ هرهڪ جو پٽ کي ڏسي ٿو، ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي هميشہ جي زندگي ملي؛ ۽ آئون پوئين ڏينهن هن کي جياري اُٿاريندس.
Explore يوحنا 6:40
5
يوحنا 29:6
يسوع جواب ڏيئي چين تہ خدا جو ڪم هيءُ آهي تہ جنهن کي موڪليو اٿس، تنهن تي ايمان آڻيو.
Explore يوحنا 6:29
6
يوحنا 37:6
جيڪي بہ پيءُ مون کي ڏئي ٿو، سي مون وٽ ايندا، ۽ جيڪو مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي آئون اصل ڪڍي ڪين ڇڏيندس.
Explore يوحنا 6:37
7
يوحنا 68:6
شمعون پطرس جواب ڏنس، تہ اي خداوند، اسين ڪنهن وٽ وڃون؟ هميشہ جي زندگيءَ جون ڳالهيون تہ تو وٽ آهن.
Explore يوحنا 6:68
8
يوحنا 51:6
آئون اُها زندہ ماني آهيان، جا آسمان مان لٿي آهي: جيڪڏهن ڪوبہ هن مانيءَ مان کائيندو تہ هميشہ جيئرو رهندو: بلڪ اُها ماني جا آئون جهان جي زندگيءَ لاءِ ڏيندس، سا آهي منهنجو گوشت.
Explore يوحنا 6:51
9
يوحنا 44:6
ڪوبہ ماڻهو مون وٽ اچي نٿو سگهي، جيسين ڪ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو نہ ڇڪيس: ۽ آئون پوئين ڏينهن ان کي جياري اُٿاريندس.
Explore يوحنا 6:44
10
يوحنا 33:6
ڇالاءِ تہ خدا جي ماني اُها آهي جا آسمان مان لهي اچي جهان کي زندگي ٿي ڏئي.
Explore يوحنا 6:33
11
يوحنا 48:6
زندگيءَ جي ماني آئون آهيان.
Explore يوحنا 6:48
12
يوحنا 11:6-12
تڏهن يسوع اُهي مانيون وٺي شڪر ڪري، جيڪي ويٺا هئا، تن کي ورهائي ڏنيون، ۽ انهيءَ طرح ڪُرڙين مان بہ جيترو گهُريائون، تيترو ڏنائين. ۽ جڏهن هو ڍءُ ڪري رهيا، تڏهن پنهنجن شاگردن کي چيائين، تہ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا آهن، سي ميڙي کڻو، تہ ڪي بہ اجايو نہ وڃي.
Explore يوحنا 6:11-12
13
يوحنا 19:6-20
پوءِ جڏهن ٽي چار ميل کن ڪاهي ويا، تڏهن ڏٺائون تہ يسوع سمنڊ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجهو پيو اچي، ۽ هو ڊڄي ويا. پر هن چين تہ آئون آهيان، ڊڄو نہ.
Explore يوحنا 6:19-20
Home
Bible
Plans
Videos