1
يسعياہ 2:11-3
Sindhi Bible NT
۽ خداوند جو روح انهيءَ تي لهندو، ڏاهپ ۽ سمجهہ جو روح، مصلحت ۽ طاقت جو روح، علم ۽ خداوند جي خوف جو روح؛ ۽ هو خداوند جي ڊپ ڪري خوش ٿيندو: ۽ هو نہ پنهنجن اکين جي نظر موجب انصاف ڪندو، ۽ نہ پنهنجن ڪنن جي ٻڌڻ موجب ملامت ڪندو
Compare
Explore يسعياہ 11:2-3
2
يسعياہ 1:11
۽ يسيءَ جي ٿُڙ مان هڪڙو ڏار نڪرندو، ۽ ان جي پاڙن مان ڦر نڪرندو
Explore يسعياہ 11:1
3
يسعياہ 4:11
پر سچائيءَ سان هو غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ زمين جي مسڪينن جي خاطر عدالت سان ملامت ڪندو، ۽ هو زمين کي پنهنجي وات جي لٺ سان ماريندو، ۽ پنهنجن چپن جي دم سان شريرن کي ڪهي ڇڏيندو.
Explore يسعياہ 11:4
4
يسعياہ 5:11
سچائي هن جي چيلهہ جو پٽو ٿيندي، ۽ ايمانداري هن جي گردي جو پٽو ٿيندي.
Explore يسعياہ 11:5
5
يسعياہ 9:11
منهنجي پاڪ جبل ۾ هو نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا، نہ ماري وجهندا: ڇالاءِ جو زمين خداوند جي علم سان ڀرپور ٿي ويندي، جيئن پاڻي سمنڊ کي ڍڪي ڇڏي ٿو.
Explore يسعياہ 11:9
6
يسعياہ 6:11
۽ بگهڙ گهيٽي سان گڏ رهندو، ۽ چيتو ڇيلي سان گڏ سمهندو؛ ۽ گابو ۽ شينهن جو ٻچو ۽ پاليل ڏاند گڏ رهندا؛ ۽ ننڍڙو ٻار انهن کي گهمائيندو.
Explore يسعياہ 11:6
7
يسعياہ 10:11
۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يسيءَ جي پاڙ، جا قومن ۾ نشان جي بجاءِ کڙي ٿيندي، تنهن کي قومون ڳولينديون؛ ۽ هن جي آرام جي جاءِ جلال واري ٿيندي.
Explore يسعياہ 11:10
Home
Bible
Plans
Videos