1
پيدائش 12:9-13
Sindhi Bible
۽ خداوند چيو تہ اهو عهد، جيڪو آءٌ پنهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾، ۽ جيڪي ساهوارا اوهان سان گڏ آهن، تن جي وچ ۾ هميشہ جي لاءِ سڀني پيڙهين تائين ڪريان ٿو، تنهن جي نشاني هيءَ آهي: تہ آءٌ پنهنجي ڪمانَ ڪڪرن ۾ ٿو رکان، اها منهنجي ۽ زمين جي وچ ۾ عهد جي نشاني ٿيندي.
Compare
Explore پيدائش 9:12-13
2
پيدائش 16:9
۽ ڪمان ڪڪرن ۾ رهندي؛ ۽ آءٌ انهيءَ تي نگاهہ ڪندس، تہ اهو عهد ياد ڪريان، جو خدا ۽ زمين جي سڀني ساهوارن جي وچ ۾ آهي.
Explore پيدائش 9:16
3
پيدائش 6:9
جيڪو ماڻهوءَ جو رت وهائيندو تنهن جو رت ماڻهوءَ جي هٿان وهايو ويندو، ڇالاءِ جو خدا انسان کي پنهنجيءَ صورت تي جوڙيو آهي.
Explore پيدائش 9:6
4
پيدائش 1:9
۽ خدا نوح ۽ سندس پٽن کي برڪت ڏيئي چيو تہ وڌو ۽ ويجهو ۽ زمين کي ڀرپور ڪريو.
Explore پيدائش 9:1
5
پيدائش 3:9
زمين تي هلندڙ سڀ ساهوارا اوهان جي خوراڪ لاءِ ٿيندا، اهي مون نباتات وانگر اوهان کي ڏنا آهن.
Explore پيدائش 9:3
6
پيدائش 2:9
اوهان جو ڊپ ۽ اوهان جو خوف زمين جي سڀ ڪنهن جانور تي، هوا جي سڀ ڪنهن پکيءَ تي، ۽ جيڪي بہ زمين تي هلن ٿا، ۽ سمنڊ جي سڀني مڇين تي رهندو، اهي سڀئي مون اوهان جي تابع ڪيا آهن.
Explore پيدائش 9:2
7
پيدائش 7:9
اوهين وڌو ۽ ويجهو: زمين تي گهڻو اولاد پيدا ڪريو ۽ وڌندا وڃو.
Explore پيدائش 9:7
Home
Bible
Plans
Videos