۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ هيئن ٿيو جو هن جي مالڪ جي زال يوسف ۾ اکيون وڌيون، ۽ چيائينس تہ مون سان گڏ سمهہ. پر هن نہ مڃيو، ۽ پنهنجي مالڪ جي زال کي چيائين تہ ڏس، منهنجي مالڪ کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ گهر ۾ ڇا آهي؛ ۽ جيڪي سندس آهي، سو سڀ منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو اٿس. هن گهر ۾ مون کان وڏو ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ ۽ هن تو کان سواءِ، جا هن جي زال آهين، ٻي ڪابہ شيءِ مون کان وانجهي نہ رکي آهي: پوءِ آءٌ ڪيئن ههڙو بڇڙو ڪم ڪري خدا جو ڏوهاري ٿيان؟