تڏهن سندس پيءُ اسحاق ورندي ڏيئي چيس تہ:
ڏس، تنهنجي رهڻ جو هنڌ زمين جي سڻڀ ۽ مٿان آسمان جي ماڪ مان نہ ٿيندو.
تون پنهنجيءَ ترار جي زور تي حياتي گذاريندين، ۽ پنهنجي ڀاءُ جي خدمت ڪندين: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون زور وٺي آزاد ٿيندين، تڏهن پنهنجي ڀاءُ جي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ تان لاهي ڇڏيندين.