1
پيدائش 6:11-7
Sindhi Bible
۽ خداوند چيو تہ ڏسو، هي سڀ هڪڙي قوم آهن، ۽ سندن ٻولي بہ هڪڙي آهي، ۽ اهي جو هيئن ڪرڻ لڳا آهن، سو هو جيڪو ڪم ڪرڻ گهرندا، تنهن ۾ کين روڪ ڪانہ ٿيندي. تنهنڪري اچو تہ اتي هلي سندن ٻوليءَ ۾ مونجهارو وجهون، تہ هو هڪ ٻئي جو ڳالهائڻ سمجهي نہ سگهن.
Compare
Explore پيدائش 11:6-7
2
پيدائش 4:11
۽ هنن چيو تہ اچو تہ پنهنجي لاءِ هڪڙو شهر ۽ هڪڙو ٺلهہ جوڙيون، جنهن جي چوٽي آسمان تائين وڃي پهچي ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو نالو قائم ڪريون؛ متان پوءِ اسين ساريءَ زمين تي پري پري پکڙجي وڃون.
Explore پيدائش 11:4
3
پيدائش 9:11
تنهنڪري انهيءَ شهر جو نالو بابل پئجي ويو؛ ڇالاءِ جو اتي خداوند ساري زمين جي ٻولي منجهائي ڇڏي: ۽ اتان خداوند انهن کي ساري زمين تي پکيڙي ڇڏيو.
Explore پيدائش 11:9
4
پيدائش 1:11
۽ ساري زمين تي هڪڙي زبان ۽ هڪڙي ٻولي هئي.
Explore پيدائش 11:1
5
پيدائش 5:11
تڏهن خداوند اهو شهر ۽ ٺلهہ جو آدم جي اولاد جوڙيو هو، سو ڏسڻ لاءِ لهي آيو.
Explore پيدائش 11:5
6
پيدائش 8:11
سو خداوند انهن کي اتان هٽائي ساريءَ زمين تي پکيڙي ڇڏيو: تڏهن هنن اهو شهر جوڙڻ ڇڏي ڏنو.
Explore پيدائش 11:8
Home
Bible
Plans
Videos