1
خروج 11:4-12
Sindhi Bible
تڏهن خداوند چيس تہ ماڻهوءَ جو وات ڪنهن جوڙيو آهي؟ ۽ ماڻهوءَ کي گونگو يا ٻوڙو، انڌو يا سڄو ڪير ٿو ڪري؟ اهو آءٌ نٿو ڪريان ڇا، جو خداوند آهيان؟ تنهنڪري هاڻي تون وڃ ۽ آءٌ تنهنجين ڳالهين سان هوندس، ۽ جيڪي توکي چوڻو هوندو سو توکي سيکاريندس.
Compare
Explore خروج 4:11-12
2
خروج 10:4
تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ اي خداوند، آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هوس، نڪي تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو، تنهن کان پوءِ ٿيو آهيان؛ ڇالاءِ جو منهنجيءَ زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.
Explore خروج 4:10
3
خروج 14:4
تڏهن خداوند، موسيٰ تي تمام گهڻو غصي ٿيو، ۽ چيائينس تہ لاوين منجهان هارون تنهنجو ڀاءُ ڪونهي ڇا؟ مون کي خبر آهي تہ هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو سگهي ۽ ڏس، هو بہ توکي گڏجڻ لاءِ اچي رهيو آهي، ۽ توکي ڏسي دل ۾ خوش ٿيندو.
Explore خروج 4:14
Home
Bible
Plans
Videos