ڇالاءِ جو انهيءَ رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگهندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ پهريتا هوندا، ماڻهن جا ٻار توڙي جانورن جا ٻچا، تن سڀني کي ماري وجهندس، ۽ مصر جي سڀني ديوتائن تي فتويٰ جاري ڪندس: آءٌ خداوند آهيان. ۽ جن گهرن ۾ اوهين رهو ٿا، تن تي اهو رت اوهان جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندو؛ ۽ آءٌ اهو رت ڏسي اوهان کي ڇڏي لنگهي ويندس، ۽ جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن اوهان کي برباد ڪرڻ لاءِ ڪابہ آفت اوهان تي ڪانہ ايندي.