تڏهن مردڪئي انهن ماڻهن کي چيو تہ آستر کي هيءَ ورندي وڃي ڏيو، تہ تون پاڻ اهڙو ڀروسو متان ڪرين، تہ جيڪي ٻين يهودين سان ٿيڻو آهي، تنهن کان بادشاهہ جي گهر ۾ تون ڇُٽي ويندينءَ. ڇالاءِ جو جيڪڏهن هن وقت تون اصل ماٺ ڪري ويهندينءَ، تہ يهودين جو ڇوٽڪارو ۽ بچاءُ ٻئي هنڌان پيدا ٿيندو، پر تون ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو چٽ ٿي ويندو: ڪنهن کي خبر تہ تون ههڙي وقت جي لاءِ بادشاهت ۾ نہ آئي آهين؟