تنهن هوندي بہ هوءَ اچي پهتي ۽ يسوع جي پيرن تي ڪري کيس چيائين تہ ”اي سوامي! منهنجي مدد ڪريو.“ يسوع چيس تہ ”اهو واجب نہ آهي جو ٻارن جي روٽي کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“ پر ناريءَ وراڻيس تہ ”سوامي! اهو تہ برابر آهي، پر ڪتا بہ تہ مالڪن جي رسوئيءَ جا ڪريل ٽڪر کائيندا آهن.“